پريانڪا جو مڙس نڪ جونس شوٽنگ دوران زخمي اسپتال منتقل

ممبئي: ڀارتي اداڪاره پريانڪا چوپڙا جو مڙس ۽ آمريڪي گلوڪار نڪ جونس شوٽنگ دوران زخمي ٿي پيو. جنهن کان پوءِ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو.نڪ جونس سان اهو حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن هو هڪ پروگرام جي عڪسبندي ۾ مصروف هو. پرڏيهي ميڊيا موجب حادثي کان پوءِ فوري طور تي ايمولينس طلب ڪئي وئي ۽ نڪ جونس کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ان جي حالت بهتر ٻڌائي پئي وڃي.ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نڪ جونس پنهنجي پروگرام دي وائس جي شوٽنگ ۾ مصروف هو، هو ان پروگرام ۾ بطور ڪوچ ۽ جج شرڪت ڪندو. ياد رهي ته پريانڪا چوپڙا ۽ نڪ جونس طرفان اڃان تائين ان حادثي جي باري ۾ ڪابه وضاحت نه ڏني وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔