غزه تي اسرائيل پاران ڪيل بمباري جو سلسلو نه رڪجي سگهيو، وڌيڪ ٽيهه فلسطيني شهيد

غزه: اسرائيل رياستي دهشتگردي جو مظاهرو ڪندي غزه تي خوفناڪ بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 30 فلسطيني شهيد ٿي ويا.جنهن کان پوءِ شهيد فلسطينين جو انگ 200 ٿي ويو آهي. شهيدن ۾ 50 ٻار ۽ 34 عورتون شامل آهن. هزارين ماڻهو زخمي آهن جن مان 366 ٻار به آهن.ٻارن جي بهبود جي عالمي تنظيم سيو دي چلڊرين موجب غزه ۾ هر ڪلاڪ ۾ 3 ٻار اسرائيلي بمباري ۾ زخمي ٿي رهيا آهن. غزه جي هٿين خالي فلسطينين تي اسرائيلي فضائي حملا ٻئين هفتي ۾ داخل ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ سمورو شهر مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي. بمباري ۽ ميزائل حملن مان ڪير به محفوظ نه آهي. رهائشي عمارتون پٽ پئجي چڪيون آهن ۽ هزارين ماڻهو پناهگير ڪيمپن ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور ٿي ويا آهن جتي به هو سلامت ناهن ڇو ته صهيوني رياست طرفان ان ڪيمپن کي به نشانو بنايو ويو آهي.ٻئي طرف غزه مان حماس اسرائيل تي راڪيٽ فائر ڪيا جنهن سبب اسرائيل ۾ هينئر تائين 10 ڄڻا مارجي چڪا آهن. هوڏانهن اسرائيل ۽ فلسطين واري مسئلي تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس ٿيو جنهن ۾ غزه جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون پر اهو اجلاس ناڪام ٿي ويو ۽ اسرائيل کي روڪڻ ته پري جي ڳالهه سلامتي ڪائونسل گڏيل اعلان به جاري نه ڪري سگهي. چين ٻڌايو آهي ته آمريڪا سلامتي ڪائونسل کي گڏيل بيان جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔