زارا نور جي نصيحت تي مداحن پاران سندس مٿان سخت تنقيد

ڪراچي: زارا نور عباس گذريل ڏينهن انسٽاگرام تي اسٽوري اپ لوڊ ڪئي جنهن ۾ هن عيد جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وجهڻ وارن کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو.مشهور اداڪاره زارا نور عباس جو چوڻ هو ته اهي ماڻهو جيڪي غزه ۽ فلسطين جي صورتحال جي باري ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا. هاڻ ڇا ٿيو؟ جڏهن هو عيد جا 3 ڏينهن ڪپڙا پهري پنهنجون تصويرون شيئر ڪري رهيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن اوهان واقعي ان معصوم ماڻهن جي حالت تي ڏکويل آهيو ته سوشل ميڊيا تي ائين عيد ملهائڻ جي انداز کي تبديل ڪريو. جيڪڏهن اوهان پاڻ کي مجبور يا بي يارو مددگار سمجهو ٿا ته خوشي جو ڏيکاوو نه ڪريو. پر اداڪاره جي ان نظريي سان مداح خوش نظر نه آيا ۽ انهن سندس مٿان سخت تنقيد شروع ڪري ڇڏي.هڪ صارف چيو ته اتان جا ماڻهو به عيد ملهائي رهيا آهن ان ڪري مان اوهان جي ڳالهه مان متفق نه آهيان. مروي نالي صارف لکيو عيد الله طرفان عطا ڪيل تحفو آهي. هي خوشين جو ڏينهن آهي. عيد ملهائڻ ۾ ڪنهن به قسم جي شرم محسوس نه ڪرڻ گهرجي. هڪ ٻئي صارف چيو ته اهو اسان جي نبي ڪريم صه جو فرمان آهي. عيد خوشي جو ڏينهن آهي. عيد تي نوان ڪپڙا پهريو. اسان جا ڀائر جيڪي فلسطين ۾ ظلم جو شڪار ٿي رهيا آهن انهن جي لاءِ دل سان دعا ڪري رهيا آهيون ته رب پاڪ هنن جي مٿان ڏکيا ڏينهن ختم ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔