متحده عرب امارات به اسرائيل ويندڙ اڏامون ملتوي ڪري ڇڏيون

ابوظهبي: آمريڪي ۽ يورپي ڪمپنين کان پوءِ متحده عرب امارات جي هوائي ڪمپنين اتحاد ايئرويز ۽ فلائي دبئي به اسرائيل ڏانهن ويندڙ اڏامون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن.عالمي خبرون ڏيندر اداري موجب متحده عرب جي فضائي ڪمپنين اتحاد ۽ فلائي دبئي کان تل ابيب ويندڙ مسافر بردار ۽ مال بردار اڏامن کي ملتوي ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ آمريڪي ۽ يورپي فضائي ڪمپنين به تل ابيب جي لاءِ پنهنجي اڏامن کي ملتوي ڪري ڇڏيو هو.ٻنهي ڪمپنين جون اڄ چار اڏامون شيڊول هيون جڏهن ته فلائي دبئي تازو ئي اسرائيل جي لاءِ اڏامن جي شروعات ڪئي هئي اڏامن جي ملتوي ٿيڻ جو سبب ناهي ٻڌايو ويو پر اهو فيصلو اسرائيل جي غزه ۾ بمباري ۽ پرتشدد ڪارروائين ۾ واڌ کان پوءِ ڪيو ويو آهي.واضح رهي ته غزه تي اسرائيلي بمباري جو سلسلو ستين ڏينهن به جاري آهي ۽ ميڊيا هائوسز کي به راڪيٽ حملي ۾ تباهه ڪيو ويو آهي. فضائي بمباري ۾ گڏيل فوتگين جو انگ 170 کان مٿي ٿي ويو آهي جڏهن ته جواب ۾ حماس به اسرائيلي علائقن کي نشانو بنايو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔