اربين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود ڌاڙيلن جون ٽڪ ٽاڪ وڊيوز اچن ٿيون: حليم عادل شيخ

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ حڪومت 13 سالن ۾ 7 هزار 880 ارب رپين جي بجيٽ خرچ ڪئي، امن امان تي 753 ارب خرچ ڪيا ويا پر اڄ به ڌاڙيلن جون ٽڪ ٽاڪ ويڊيوز اچي رهيون آهن. سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته پوليس آرڊر 2019ع کان پوءِ پوليس کي مڪمل سياسي بڻايو ويو آهي، شڪارپور، جيڪب آباد، گهوٽڪي جا ڪچا ڌاڙيلن جا ٿاڪ آهن. هن چيو ته هڪ هزار ٻه سئو پنجويهه ارب روپيا تعليم کاتي تي خرچ ٿيا پر اسڪول اڄ به مينهن جا واڙا آهن، صحت تي 625 ارب روپيا خرچ ٿيا پر لاڙڪاڻي کي ايڊز لڳي وئي، گوگل تي سرچ ڪيو ته ڪتن جي ڪيسن ۾ سنڌ ٽاپ تي آهي. صحت کاتي جي وزير چوي ٿي لاش کڻڻ لاءِ ايمبولينس ناهي ، ايمبوليس نه ملڻ تي لاڙڪاڻي ۾ رمضان مگسي پنهنجي پٽ جو لاش کڻائڻ لاءِ جھولي جھلي ٿو. ڪتن لاءِ گاڏيون آهن پر لاش کڻڻ لاءِ ايمبولينس ناهي. حليم عادل شيخ چيو ته وفاق مان اين ايف سي تحت 44 سيڪڙو صوبن ڏانهن وڃي ٿو پر ان باوجود صوبا هر شي لاءِ وفاق ڏانهن ڏسن ٿا، وفاقي سرڪار درست فيصلا نه ڪري ها ته ڏيوالو نڪري وڃي ها، ٽيم ۾ تبديليون ٿينديون رهنديون آهن، ناڻي واري وزارت ٺيڪ نه هلندي ته وزير تبديل ڪيا ويندا، هن قوم سان عمران خان جيڪي وعدا ڪيا آهن اهي پورا ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔