ڪلڀوشن ياديو ڪيس: ڀارتي هاءِ ڪميشن کان 24 جون تائين جواب طلب

اسلام آباد: پاڪستان ۾ گرفتار ٿيل ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي ڪيس ۾ عالمي عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد بابت ڀارتي سرڪار کي عدالتي معاونت جو آخري موقعو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڀارتي هاءِ ڪميشن کان 24 جون تائين جواب طلب ڪري ورتو،

ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل چيو ته پاڪستاني حڪومت کي قاتل سان ڪابه همدردي ناهي، ائين ناهي حڪومت ڀارت پويان ڀڄي رهي آهي، ڀارتي سرڪار انتظار ڪري رهي آهي ته پاڪستاني عدالت ۾ ڪيس ختم ٿئي انصاف جي عالمي عدالت سان رابطو ڪيو وڃي،

چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڀارت پنهنجو نمائندو مقرر ڪري عدالت کي ٻڌائي ته هو ڇا چاهين ٿا، ڀارت ايتري معاونت ڪري ته انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي تي عمل ڪيئن ڪرائڻو آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔