ميٽرڪ ۽ انٽر جي امتحان جي تجويز، نائين ۽ يارهين جي شاگردن کي پروموٽ ڪرڻ تي غور

ڪراچي : ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌندڙ ڪيسز ۽ ڪجهه صوبن جي امتحان واري طريقيڪار بابت مڪمل تياري نه هجڻ جي ڪري صرف ڏهين ۽ ٻارهين جماعت جا امتحا وٺڻ، نائين ۽ يارهين جي شاگرن کي اڳئين ڪلاسز ۾ پروموٽ ڪرڻ تي غور شروع ڪيو ويو آهي،

اڱاري تي آءِ بي سي سي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي تحت ٿيندڙ آن لائن اجلاس جي صدارت چيئرمين اسٽيئرنگ ڪميٽي ڊاڪٽر ناظم جيوا ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ سيڪريٽري آءِ بي سي سي ڊاڪٽر غلام علي ملاح، چيئرمين انٽر ميڊيٽ بورڊ ڪراچي ڊاڪٽر سعيد الدين، سرگوڌا تعليمي بورڊ جي چيئرمين پرسن ڊاڪٽر ڪوثر رئيس، ڪوهاٽ تعليمي بورڊ جو چيئرمين ڊاڪٽر شوڪت حيات، فيڊرل بورڊ جو چيئرمين ڊاڪٽر قيصر عالم شرڪت ڪئي،

آءِ بي سي سي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ هي تجويز ڏني وئي ته امتحان مختصر ڪرڻ لاءِ لازمي مضمونن جي بجاءِ اختياري مضمونن جا امتحان ورتا وڃن، اجلاس ۾ چيو ويو ته سائنس ۾ ته هي شئي ممڪن آهن پر آرٽس ۾ اختياري مضمون هجڻ جي ڪري مشڪل پيش ايندي، بهتر آهي ته ڏهين ۽ ٻارهين جا امتحان ورتا وڃن،

جڏهن ته نائين ۽ يارهين جي شاگردن کي بنا امتحان جي اڳئين ڪلاسز ۾ پروموٽ ڪيو وڃي، اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن آءِ بي سي سي هن تجويز تي متفق ٿي ويو ته ڏهين ۽ ٻارهين جا امتحا ورتا ويندا ته پوءِ هي مامرو حتمي منظوري لاءِ بين الصوبائي تعليم وارن وزيرن جي ڪانفرنس ۾ موڪليو ويندو ۽ اتان منظوري بعد هن کي پوري ملڪ ۾ لاڳو ويندو،

اجلاس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ، صوبائي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي فيصلي جي مدنظر ۾ امتحان بابت پنهنجي تياري مڪمل ڪري ورتي، جنهن تحت 50 سيڪڙو سوال 30 سيڪڙو مختصر ۽ 20 سيڪڙو تفصيلي جوابن تي ٻڌل هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔