پابندي باوجود ملڪ جي مختلف شهرن مان يوم علي رضه جا جلوس نڪرڻ شروع

لاهور:ملڪ جي مختلف شهرن مان پابندي باوجود يوم علي رضه جي سلسلي ۾ جلوس نڪرڻ شروع ٿي ويا آهن. لاهور ۾ يوم شهادت حضرت علي ڪرم الله وجه جو مرڪزي جلوس رات دير سان مبارڪ حويلي مان نڪتو. اهو جلوس پنهنجي مقرر رستن کان ٿيندو صبح جي وقت ڪربلا گامي شاهه پهچي اختتام پذير ٿيندو. جلوس جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.

جلوس سان گڏوگڏ پوليس جي وڏي نفري به موجود آهي. جلوس جي رستن طرف کلندڙ سموريون گهٽيون ۽ بازارون ڪنڊيدار تارون ۽ قناتون لڳائي بند ڪيون ويون آهن. ڪراچي ۾ يوم علي رضه جي مرڪزي مجلس نشتر پارڪ ۾  منعقد ٿي جنهن کي علامه شهنشاهه حسين نقوي خطاب ڪيو ۽ فضائل حضرت علي رضه بيان ڪيا. مجلس کان پوءِ يوم علي رضه جو مرڪزي جلوس نشتر پارڪ کان بوتراب اسڪائوٽس جي قيادت ۾ برآمد ٿيو جيڪو پنهنجي روايتي رستن، نمائش چورنگي، سي بريز پلاره، صدر، ريگل چوڪ، تبت سينٽر، ريڊيو پاڪستان  کان ٿيندو کهارا در ۾ امام بارگاهه حسينيه ايرانيان تي اختتام پذير ٿيندو.

مرڪزي جلوس جي سيڪيورٽي جي لاءِ پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري مقرر آهي. جڏهن ته جلوس جي رستن ۾ ايندڙ گهٽين ۽ روڊن کي ڪنٽينر لڳائي سيل ڪيو ويو آهي. جلوس جي گذر گاهه ۾ ايندڙ دڪانن ۽ مارڪيٽن کي به سيل ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه ڪوئٽه ۾ يوم علي رضه جي حوالي سان هزاره ٽائون ۾ جلوس ڪڍيو ويو. ان موقعي تي علائقي کي مڪمل سيل ڪيو ويو. پوليس ۽ ايف سي جي وڏي نفري مقرر به ڪئي  وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔