پنجاب جي 26 ضلعن ۾ شهرين کي مسجدن ۾ اعتڪاف ڪرڻ جي اجازت نه ملي

لاهور: پنجاب حڪومت  ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسز سبب لاهور سميت صوبي جي 26  ضلعن ۾ شهرين کي مسجدن ۾ اعتڪاف ڪرڻ جي اجازت نه ڏني.

پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر پنجاب پاران اعتڪاف جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب ڪورونا جي  گهٽ مثبت شرح وارن صرف 10 ضلعن جي مسجدن ۾ ماڻهن کي اعتڪاف ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. ان ضلعن ۾ ساهيوال، بهاولپور، جهنگ، حافظ آباد، اوڪاڙه، چنيوٽ، گجرات، اٽڪ، سيالڪوٽ ۽ ڊي جي خان شامل  آهن.

سيڪريٽري هيلٿ ساره اسلم جو چوڻ آهي ته وڌيڪ شرح وارن ضلعن جا شهري گهرن تي اعتڪاف ڪن. ٻئي طرف لاهور ۾ اوقاف کاتي جي اهتمام هيٺ جامع مسجد داتا دربار، آسٽريليا مسجد، ريلوي اسٽيشن ۽ ٻين مسجدن ۾ ڪنهن کي به اعتڪاف ۾ ويهڻ جي اجازت نه ڏني وئي آهي پر عام مسجدن ۾ محدود انگ ۾ ماڻهو اعتڪاف ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔