ڪورونا جي ٽين لهر، سڄي ملڪ ۾ اجتماعي اعتڪاف تي پابندي لاڳو

لاهور: وفاقي حڪومت ڪورونا جي ڦلهلجڻ جي امڪان کي نظر ۾ رکندي سڄي ملڪ ۾ اجتماعي اعتڪاف تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب سڄي ملڪ ۾ اڄ هزارين ماڻهو اعتڪاف ۾ ويهندا ۽ عصر جي نماز کان پوءِ اعتڪاف ۾ ويهڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو. پر ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر جي شدت ۾ اضافي کان پوءِ حڪومت سڄي ملڪ ۾ اجتماعي اعتڪاف تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

پنجاب جي اوقاف کاتي جي انتظام هيٺ مسجدن ۾ به اعتڪاف تي مڪمل پابندي آهي مسجدن ۾ چار کان پنج ماڻهو ويهي سگهن ٿا. معتڪفين اجتماعي سحري  ۽ افطاري کان پاسو ڪندا. جمعته الوداع  واري خطبي ۾ به ڪورونا ايس او پيز جو خيال رکيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔