سعودي عرب ۾ پاڪستانين جو خيال نه پيو رکيو وڃي: وزيراعظم سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفير کي واپس گهرائي ورتو

اسلام آباد: سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفارتخانو پنهنجن شهرين جو خيال رکڻ ۾ ناڪام ٿي ويو، وزير اعظم سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفير کي واپس گهرائي ورتو، اعليٰ سطح جاچ جو اعلان، وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته شڪايتون مليون آهن ته سعودي عرب ۾ پاڪستاني ليبر پريشانيون ڀوڳي رهي آهي، پر پاڪستاني سفير انهن لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، وزيراعظم عمران خان ھڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو تھ پرڏيھھ ۾ رھندڙ پاڪستاني مشڪلاتن کي منھن ڏئي رھيا آھن، ھن چيو تھ بدقسمتي سان ملڪ ۾ لانگ ٽرم پلاننگ جو الميو رهيو آهي، پاڪستان جي ايڪسپورٽ وڌائڻ لاءِ ڪنهن زور نه ڏنو، ايڪسپورٽ نه وڌڻ ۽ ڊالر جي گهٽتائي سبب آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو، 30سالن ۾ 20 ڀيرا آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو، 90لک اوور سيز پاڪستانين کي روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ۾ منسلڪ ڪري سگهجي ٿو، اڪائونٽ ۾ هڪ ارب ڊالر اچڻ تي رضا باقر کي مبارڪون، اسان جي بينڪن کي ننڍن ماڻهن کي قرض ڏيڻ جي عادت ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔