اسلام آباد: آصف زرداري خلاف پنجون ريفرنس ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد : آصف زرداري خلاف پنجون ريفرنس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو، اسلام آباد جي احتساب عدالت 8ارب مني لانڊرنگ ريفرنس تي آصف علي زرداري ۽ سٽينو گرافر مشتاق احمد کي 20مئي تي طلب ڪري ورتو، نيب ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته پڪيون شاهديون مليون آهن ته آصف زرداري ڪلفٽن ڪراچي وارو گهر ڪرپشن مان ٺاهيو آهي، سٽينو گرافر مشتاق جي اڪائونٽ مان گهر جي خريداري لاءِ 15ڪروڙ رپيا ادا ڪيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔