پاڪستان ۾ ڪورونا سبب اڄ وڌيڪ150 ڄڻا فوت

اسلام آباد: پوري ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 150 ماڻهو فوت ٿي ويا جڏهن ته 5480 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا.

پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ظاهر ڪندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران پوري ملڪ ۾ ڪورونا جا 57013 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن ۾ 5480 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 9.61 سيڪڙو رهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب پوري ملڪ ۾ ڪورونا وگهي فوتگين جو انگ 17680 ٿي ويو ۽ مجموعي ڪيسز جو انگ 8 لک 15711 تائين پهتو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 89838 آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔