وزيراعظم اڳوڻي ڊي جِي ايف آءِ اَي بشير ميمڻ جَي الزامن کي ڪوڙ قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان اڳوڻي ڊي جِي ايف آءِ اَي بشير ميمڻ جَي الزامن کي ڪوڙ ۽ بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو، ميڊيا جَي نمائندن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته، بشير ميمڻ کي ڪڏهن به قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪيس ٺاهڻ جو ناهي چيو، ريفرنس فائل ڪرڻ بشير ميمڻ جو ڪم ئي نه هو ته، کيس ڇو چوندُس، بشير ميمڻ رڳو اومني گروپ بابت جَي آءِ ٽي ۾ اڳڀرائي تي بريف ڪندو هو، کيس ڪڏهن به مريم نواز سميت نواز ليگ يا پيپلزپارٽي خلاف ڪيسز ٺاهڻ جو ناهي چيو، بشير ميمڻ کي رڳو خواجا آصف جَي اقامَي بابت جاچ جو چيو هو ته جاچ ڪريو، اِهو ڪيئن ٿي سگهَي ٿو ته دفاع وارو وزير پرڏيهي اقامو ۽ پگهار وٺندو هُجَي. وزيراعظم چيو ته جهانگير ترين جي ڪيس تي وفد ملاقات ڪري جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جو چيو ، حڪومت فيصلو ڪيو ته جهانگير ترين جو معاملو بئريسٽر علي ظفر ڏسندو ، هو ڏسندو ته جهانگير ترين کي ناجائز نشانو ته نه بڻايو پيو وڃي، هو معاملي جي مونکي رپورٽ ڏيندو. هن وڌيڪ چيو ته جهانگير ترين جي ڪيس جي ضرور جاچ ڪئي ويندي ۽ احتساب کان پوئتي نٿا هٽي سگهون ڀلي پارٽي جو سينيئر اڳواڻ جهانگير ترين ئي ڇونه هجي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم وڌيڪ ٻڌايو ته شوگر اسڪينڊل جي جاچ ڪندڙ ٽيم جي سربراهه ڊاڪٽر رضوان کي ناهي هٽايو ويو ، ابوبڪر خدا بخش کي شوگر اسڪينڊل جي جاچ ٽيم جو حصو بڻايو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔