سنڌ جي هڪ ئي گهر جي 4 ڀاتين سميت 8 مهاڻا ڀارتي فورس هٿان گرفتار

ڪراچي : ڪراچي جي ابراهيم حيدري واري علائقي مان مڇي جي شڪار تي ويل هڪ ئي گهر جي 4 ڀاتين سميت 8 مهاڻا ڀارتي فورس گرفتار ڪري ورتا. ابراهيم حيدري جي مشهور ناکئي يامين شيرو ۽ سندس ٽن پٽن مرتضيٰ، مصطفيٰ ۽ نصرالله، 4 خلاصين صالح، ياسين، رفيق ۽ حسين کي سرحدون اورانگھڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. سنڌ جا 8 ئي گرفتار ٿيل مهاڻا ڀارتي جيل گجرات ۾ قيد ڪيا ويا. گرفتار ٿيلن جي گهرڀاتين جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيلن تي 30 ڪلو هيروئن هٿ ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آھي، ناکئي يامين شيرو جي گهرواريءَ جو چوڻ هو ته اسان جي پيارن جو ڪو قصور ناهي، کين بي گناھ گرفتار ڪيو ويو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔