وفاقي حڪومت عيدالفطر جي موقعي تي سرڪاري موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت عيدالفطر جي موقعي تي سرڪاري موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو، اين سي او سي موجب عيدالفطر تي 10 کان 15 مئي تي موڪلون ھونديون، اين سي او سي گائيڊ لائنز بھ جاري ڪري ڇڏي، اين سي او سي موجب يوم علي، شب قدر، اعتڪاف ۽ جمعت الوداع جي لاءِ گائيڊز لائنز تي عملدرآمد پھرين مئي کان لاڳو ٿيندو، اين سي او سي موجب چنڊ رات ميندي، جولري ۽ ڪپڙا جا اسٽال لڳڻ تي پابندي ھوندي، تفريحي ماڳن، پبلڪ پارڪس ۽ آسپاس موجود شاپنگ مالز بھ 8 کان 16 تائين بند رھندا، عيد جي موڪلن دوران بين الصوبائي انٽرا سٽي پبلڪ ٽرانسپورٽ بھ بند ھوندي، نجي گاڏيون رڪشن ۽ ٽيڪسين کي 50 سيڪڙو سوارن سان گڏ اجازت ھوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔