آمريڪي دفاع واري کاتي سترنهن ڪروڙ کان وڌيڪ انٽرنيٽ ايڊريس وڪرو ڪري ڇڏيا

لنڊن: آمريڪي دفاع واري کاتي نجي ڪمپني کي 17 ڪروڙ کان وڌيڪ انٽرنيٽ ايڊريس وڪرو ڪري ڇڏيا.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب آمريڪي دفاع واري کاتي نجي ڪمپني سان ڊيل ڪئي. جنهن جي ماليت 4 ارب ڊالر بڻجي ٿي. شڪي ڪمپني سان ڊيل ڊونلڊ ٽرمپ جي وائٽ هائوس ڇڏڻ کان ٿوري دير اڳ ٿي هئي. انٽرنيٽ ايڊريس وڪرو ڪرڻ جي هن ڊيل کي تاريخ جي سڀني کان وڏي ڊيل قرار ڏنو پيو وڃي.پينٽاگون جي ڊفينس ڊيجيٽل سروس جو چيف انٽرنيٽ ايڊريس جي معاملن کي ڏسي رهيو هو ۽ هي ايڊريس هڪ اهڙي ڪمپني جي حوالي ڪيا ويا هئا جيڪا لڳي ٿو ته گذريل سيپٽمبر تائين موجود ئي نه هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔