ڪيليفورنيا: وڊيو اسٽريمنگ ويب سائٽ يو ٽيوب صارفين جو پراڻو مسئلو حل ڪندي ان جي لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.هن نئين فيچر جي تحت هاڻ اوهان پنهنجي يو ٽيوب چينل جو نالو ۽ پروفائل تصوير کي جي ميل اڪائونٽ سان جوڙڻ کان سواءِ ئي تبديل ڪري سگهو ٿا. ان کان اڳ يو ٽيوب ڪرينتر کي چينل جو نالو ۽ آئيڪون تبديل ڪرڻ جي لاءِ سموري گوگل اڪائونٽ ۾ تبديلي ڪرڻي پوندي هئي.پر اوهان کي اهو به ٻڌائيندا هلون ته هن نئين سهوليت جو هڪ نقصان به آهي ۽ اهو هي ته نالو ۽ آئيڪون تبديل ٿيڻ جي صورت ۾ صارف پنهنجو ويريفڪيشن بيج وڃائي ويهندو پر هو پنهنجو نئون بيج حاصل ڪرڻ جي ٻيهر درخواست ڪري سگهي ٿو