لاهور جي وڏين اسپتالن ۾ آڪسيجن جو اسٽاڪ ختم ٿيڻ لڳو

لاهور جي 7 وڏين اسپتالن ۾ آڪسيجن جو اسٽاڪ صرف 16 کان 24 ڪلاڪن جو رهجي ويو. رپورٽ موجب لاهور جي ميو سروسز، جناح، لاهور جنرل، گنگارام، پي ڪي ايل آءِ ۽ شيخ زيد اسپتال ۾ 24 ڪلاڪن تائين جو آڪسيجن موجود آهي. اسپتال انتظاميه جو چوڻ آهي ته آڪسيجن پلانٽ ۽ بيڪ اپ سلنڊر کي به ڀرايو پيو وڃي. ايم ايس جنرل اسپتال جو چوڻ آهي ته مقرر مقدار گهٽ هجڻ سبب آڪسيجن پريشر متاثر ٿيندو آهي.ايم ايس جناح اسپتال وڌيڪ چيو آهي ته هر 10 ڪلاڪن کان پوءِ آڪسيجن سپلائي جي ضرورت هوندي آهي. ايم ايس ميو اسپتال جو چوڻ آهي ته آڪسيجن جو استعمال معمول کان 5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. سروسز اسپتال ۾ 15 ڪلاڪن جي آڪسيجن سپلائي جو بيڪ اپ موجود آهي. جڏهن ته جنرل اسپتال ۾ 30 ڪلاڪن جو بيڪ اپ موجود آهي. ميو اسپتال ۾ 19 ڪلاڪن جو بيڪ اپ موجود آهي ۽ جناح استال ۾ 17 ڪلاڪن جو آڪسيجن بيڪ اپ موجود آهي.گنگا رام اسپتال ۾ 30 ڪلاڪن جو بيڪ اپ موجود آهي. جڏهن ته شيخ زيد اسپتال ۾ 50 ڪلاڪن جي آڪسيجن سپلاءِ جو بيڪ اپ موجود آهي.لاهور ۾ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ آءِ سي يو بيڊز تي مريض داخل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔