ڪورونا: پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن ڪرفيو لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

لاهور: پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن ڪورونا جي ڳڻتي جوڳي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪرفيو هڻي فوري ۽ مڪمل لاڪ ڊائون جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشڻ جي صدر پروفيسر اشرف نظامي ٻين عهديدارن سان گڏ لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي.
هن چيو ته ملڪ ۾ ڪورونا جي پکڙجڻ جي شرح 18 سيڪڙو کان وڌي وڃي چڪي آهي ۽ اسپتالون ڀرجي ويون آهن، هيلٿ سسٽم جواب ڏيڻ وارو آهي.
پي ايم اي جي عهديدارن مطالبو ڪيو ته خانگي ميڊيڪل ڪاليجز سان سلهاڙيل اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔