ملڪ ۾ ڪورونا 142 مريضن کان زندگيون کسي ورتيون، 4 هزار487 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد : ملڪ ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس جون تباهڪاريون جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وڌيڪ 142 انسانن کان زندگيون کسي ورتيون، وبا وگهي فوتين جو انگ 17 هزار 329 ٿي ويو،

اين سي او سي موجب گذريل 24ڪلاڪن دوران 43 هزار 981 ماڻهن جو ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن دوران ڪورونا جا 4 هزار 487 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن ۽ 24 ڪلاڪن ۾ 5770 مريض به صحتياب ٿي چڪا آهن، جنهن بعد مجموعي طور تي صحتياب ٿيلن جو تعداد 6 لک 99818 ٿي ويو آهي،

سرڪاري پورٽل موجب سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 279272 ٿي ويو، جڏهن ته 4605 مريض هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن،

پنجاب ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 293468 آهي، 8097 ماڻهو وائرس وگهي فوت ٿي ويا جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو انگ 21803 ۽ 232 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا، ڪي پي ۾ مريضن جو انگ 114661 آهي جڏهن ته 3156 ماڻهو ڪورونا وگهي فوت ٿي ويا،

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 73804 آهي ۽ هن وقت تائين 670 مريض فوت ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔