ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ: خيرپختونخواهه جا تعليمي ادارا عيد تائين بند رکڻ جو فيصلو

پشاور: خيبرپختونخواهه جي حڪومت نائين کان ٻارهين ڪلاس جي تعليمي ادارن کي عيد تائين بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب خيبرپختونخواهه جي حڪومت هڪ دفعو ٻيهر ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ وارن ضلعن ۾ نائين کان ٻارهين ڪلاسن تائين تعليمي ادارن کي هڪ هفتي  کان پوءِ ٻيهر عيد تائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو اهي. جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. صوبائي حڪومت اين سي او سي جي فيصلن جي روشني ۾ 19 اپريل تي  صوبي جي 21 ڪورونا متاثر  ضلعن ۾ نائين کان ٻارهين ڪلاس تائين  تعليمي ادارن کي کوليو هو، پر گذريل ڏينهن جي اين سي او سي اجلاس جي فيصلن جي روشني ۾ هاڻ ٻيهر بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ نوٽيفڪيشن ۾ سومر 26 اپريل کان عيد تائين نائين کان ٻارهين تائين جا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته وفاقي تعليم واري وزارت  سڄي ملڪ ۾ پهرين کان نتائين ڪلاس جا اسڪول عيد تائين بند رکڻ جو اعلان ڪري رکيو آهي. جڏهن ته 9 کان 12 ڪلاس تائين سمورا تعليمي ادارا سخت ڪورونا ايس او پيز سان گڏ کولڻ جي اجازت ڏني هئي. ٻئي طرف ڪي پي ڪي جي حڪومت 19 اپريل کان تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان جاري ڪندي چيو هو ته ڪورونا  موڪلن سبب بند صوبي جي 21 ضلعن ۾ نائين کان ٻارهين تائين  جي ڪلاسن جي ٻارن کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. 3 ڏينهن هر ڪلاس جا اڌ ٻار ايندا ۽ ان کان پوءِ  ٻيا 3 ڏينهن باقي رهيل ٻار ايندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔