ٻي زال جي ڳولا لاءِ ويب سائيٽ متعارف

اسلام آباد: پاڪستان جي ارب پتي شخصيت ۽ ڪامياب انٽر پرينيو آزاد چائي والا ٻي زال جي ڳولا لاءِ ويب سائيٽ لانچ ڪري ڇڏي.
پاڪستاني نوجوانن کي انٽر پرينيور شپ ۽ ٻيا هنر فراهم ڪندڙ مشهور شخصيت منفرد ويب سائيٽ متعارف ڪرائي هڪ ڀيرو ٻيهر سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.
آزاد چائي والا طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ منفرد ۽ انوکي ويب سائيٽ سائيڊ سيڪنڊ وائف ڊاٽ ڪام متعارف ڪرائي آهي، ويب سائيٽ مسلمانن کي ازدواجي خدمت فراهم ڪندي ۽ ان جي ذريعي مسلمان اسلامي تعليم موجب ٻيون، ٽيون ۽ چوٿون ڀيرو شادي ڪري سگهندا.
ويب سائيٽ جي مالڪ جو چوڻ آهي ته ويب سائيٽ متعارف ڪرائڻ جو مقصد اهڙين عورتن جي مدد ڪرڻ آهي جن کي مڙسن جي ڳولا آهي ۽ هنن کي اهڙن مردن جي رابطي ۾ آڻڻ جيڪي، ٻين، ٽين ۽ چوٿين زال جي ڳولا ۾ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔