ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وڌندڙ ڪورونا ڪيس پريشان ڪندڙ آهن: مراد علي شاهه

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ تيزي سان ڪورونا ڪيسن جو وڌڻ پريشان ڪندڙ آهي.سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪورونا ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن، ڊاڪٽر عذرا، سعيد غني، ناصر شاهه ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 8.9 سيڪڙو تائين پهچي وئي، سنڌ ۾ ڪووڊ جي ڪري جنوري 2021ع ۾ 431، فيبروري ۾ 339 ۽ مارچ ۾ 151 فوتگيون ٿيو جڏهن ته اپريل ۾ هن وقت تائين 72 مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته هن وقت ڪراچي ۾ 52 مريض وينٽي ليٽرز تي آهن ۽ ڪراچي ۾ 531 وينٽي ليٽرز جي سهولت مختلف اسپتالن ۾ موجود آهي. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪيسن جو ائين وڌڻ پريشان ڪندڙ آهي، جيستائين ماڻهو پاڻ احتياط نه ڪندا ته ڪيس وڌندا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔