قومي اسيمبلي جو اجلاس اپوزيشن جي احتجاج سبب ملتوي

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع جي ڪجهه دير کانپوءِ ملتوي ڪيو ويو ۽ فرانسيسي سفير جي ملڪ بدر واري معاملي تي بحث نه ٿي سگهيو، ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اڄ فرانسيسي سفير جي ملڪ بدر واري معاملي تي بحث ٿيڻو هو پر هنگامي سبب بحث نه ٿي سگهيو، اجلاس جي شروعات ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن سيٽن تان اٿي بيهي رهيا ۽ احتجاج شروع ڪري ڇڏيو، ن ليگ، پ پ، جي يو آءِ ف جي ميمبر اسپيڪر جي ڊائس آڏو احتجاج ڪيو، اپوزيشن ميمبرن لبيڪ يارسول الله ۽ تاجدار ختم نبوت جا نعرا به لڳايا، اپوزيشن مطالبو ڪيو ته پهريون فرانس ۾ شايع ٿيل گستاخ خاڪن بابت ٺهراءَ تي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي، ڊپٽي اسپيڪر اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔