ويڪسينيٽرز ۽ صحت کاتي ۾ ڳالهيون ڪامياب، احتجاج ختم

ڪراچي: ويڪسينيٽرز ۽ صحت کاتي جي عملدارن وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ ويڪسينيٽرز پاران احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ويڪسينيٽرز سان ڳالهين لاءِ صحت کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري دادلو زهراڻي ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر اي پي آءِ پهتا، جتي دادلو زهراڻي کين ٻڌايو ته توهان جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سمري اماڻي ڇڏي آھي. جڏهن ته پي ڊي جو چوڻ هو ته اسان هميشه اسٽاف جي حقن لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي آھي، اوهين احتجاج ختم ڪريو، سومر تائين مسئلا ٿي ويندا، جنهن بعد ويڪسينيٽرز چيو ته سومر تائين احتجاج ختم ڪري فڪس ويڪسينيشن سينٽر کولينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔