چوڌري ڀائرن خلاف انڪوائريون بند ڪرڻ واري اپيل تي نيب کي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت

لاهور: احتساب عدالت چوڌري فيملي جي خلاف 3 مختلف انڪوائريون بند ڪرڻ جي حوالي سان داخزل ريفرنسز تي نيب کي 24 اپريل تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. نيب طرفان عدالت کي ٻڌايو ويو آهي ته آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي حوالي سان ڪيل انهن انڪوائرين ۾ ڪي شاهديون ناهن مليون. احتساب عدالت جي جج شيخ سجاد نيب طرفان ريفرنس بند ڪرڻ واري اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر حافظ اسد الله اعواڻ ٻڌايو ته چوڌري ڀائرن جي خلاف 3 مخلتف انڪوائريون نيب ۾ ٻڌڻي هيٺ هيون، چوڌري شجاعت حسين تي وفاقي وزير طور آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام هو. حافظ اسد الله اعواڻ موجب پرويز الاهي ٿر پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر طور آمدني کان وڌيڪ اثاثا بڻائڻ جو الزام هو جڏهن ته پرويز الاهي تي لوڪل گورنمنٽ طور منسٽر غير قانوني مقررين جو به الزام هو پر جاچ دوران شاهديون نه مليون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔