نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلاس ۾ 4 ريفرنسز ۽ 12 انڪوائريز جي منظوري

اسلام آباد: قومي احتساب بيورو (نيب) 4 ريفرنسز ۽ 12 انڪوائريز جي منظوري ڏئي ڇڏي. نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلاس ۾ اڳوڻي ايم ڊي پيپڪو رسول خان محسود خلاف بدعنواني ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ اڳوڻي پاڪستان اسٽيل ملز چيئرمين معين آفتاب خلاف به بدعنواني جو ضمني ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته ثاقب سومري ۽ ٻين خلاف پڻ بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. نيب جي پڌرائيءَ موجب اڳوڻي سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ غلام مصطفيٰ خلاف به بدعنواني ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔