وزيراعظم جي عوام تي وڌيڪ ٽيڪسن جو بار نه وجهڻ جي هدايت

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام تي وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ بدران عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ”آئوٽ آف باڪس سلوشنز“ تجويز ڪيون وڃن، معاشي استحڪام ۽ پائيدار گروٿ لاءِ روڊ ميپ پيش ڪيو وڃي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اڪنامڪ ايڊوائزري ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم ويڊيو لنڪ ذريعي شرڪتڪئي. وزيراعظم سڀني ميمبرن کي اڪنامڪ ايڊوائزري ڪائونسل ۾ ڀليڪار چوندي ناڻي واري وزير کي هدايت ڪئي ته ملڪي معيشت جي حوالي سان اهم معاملن تي تجويزون پيش ڪرڻ لاءِ ان ڪائونسل جي مڪمل طور تي فعالي يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته اڪنامڪ ايڊوائزري ڪائونسل قائم ڪرڻ جو مقصد ملڪي معيشت کي پائيدار بنيادن تي آڻڻ جي حوالي سان ناليوارن معاشي ماهرن جي تجويزن مان فائدو حاصل ڪرڻ آهي. سندس چوڻ هو ته ڏکين معاشي حالتن کي ڏسندي عوام تي ٽيڪسن جو وڌيڪ بار وجهڻ بدران آئوٽ آف باڪس سلوشن تجويزون ڏنيون وڃن ته جيئن انهن مان جتي عوام کي رليف ملي، اتي معيشت جي پائيدار ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي. عمران خان موجب حڪومتي ڪوششن جي ڪري ڪاروباري فضا بهتر ٿي ۽ ڪاروباري برادري جو اعتماد بحال ٿيو آهي، حڪومت جي هر ممڪن ڪوشش رهي آهي ته بزنس ڪميونٽي جي مشاورت سان نه رڳو پاليسيون جوڙيون وڃن پر انهن پاليسين جو تسلسل يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته ٽيڪسن جي نظام ۾ سڌارا، نظام کي آسان ۽ فعال بڻائڻ حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔