سنڌ جي ٻن وڏين يونيورسٽيز جا وي سي به نيب جي ريڊار تي اچي ويا

اسلام آباد: سنڌ جي ٻن وڏين يونيورسٽيز جا وي سي به نيب جي ريڊار تي اچي ويا، نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ سنڌ يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر صديق ڪلهوڙو ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر اسلم عقيلي خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين نور محمد جادماڻي، ڪميشن جي ميمبر اعجاز علي دُراني ۽ ٻين خلاف انڪوائري جي منظوري، نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ اڳوڻي سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن غلام مصطفيٰ ڦل خلاف ريفرنس ۽ جاچ جي منظوري ڏني وئي، اسٽيل ملز جي اڳوڻي چيئرمين معين آفتاب خلاف سپليمينٽري ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري، اڳوڻي ڊائريڪٽر اسڪول ڪراچي عبدالوهاب عباسي، اڳوڻي چيف ڪمشنر حيدرآباد محمد علي ساند، ممتاز الرحمان خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔