حڪومت چاهي ٿي ته جسٽس منظور ملڪ جي رٽائرمينٽ تائين ڪيس لٽڪايو وڃي: جسٽس فائز عيسيٰ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني ڪيس ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ دليل ڏنا آهن ته وفاقي حڪومت نظرثاني درخواست داخل ناهي ڪرائي، ايف بي آر جو معاملو منهنجي گهر واري ۽ اداري وچ ۾ آهي، حڪومت چاهي ٿي ته جسٽس منظور ملڪ جي رٽائرمينٽ تائين ڪيس لٽڪايو وڃي، ايڊيشنل اٽارني جنرل دليل ڏنا ته چيو پيو وڃي ته سرينا عيسيٰ جو ڪيس ايف بي آر ڏانهن نٿو موڪلي سگهجي، سڀاڻي آرٽيڪل 187 تحت سپريم ڪورٽ جي اختيارن تي دليل ڏيندس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔