جسٽس فائز عيسيٰ نظرناثي ڪيس: ججز ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظر ناثي ڪيس ۾ ججز ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي، ٻڌڻي دوران جسٽس مقبول باقر، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس سجاد علي شاهه ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، جسٽس مقبول باقر وفاقي حڪومت جي وڪيل کي چيو ته عامر رحمان صاحب دليلن کي مختصر ڪيو، ان تي جسٽس منيب اختر چيو ته عامر رحمان صاحب هڪ سوال پڇڻ چاهيان ٿو، جنهن تي جسٽس مقبول باقر چيو ته توهان منهنجي ڳالهه ۾ مداخلت نه ڪيو، جنهن تي جسٽس منيب اختر چيو ته مان سوال پڇڻ چاهيان ٿو، هتي ڪا ريس ته ناهي لڳل، جسٽس مقبول باقر چيو ته ڪنهن سينيئر جي ڳالهه ۾ مداخلت جو هي طريقو ناهي، ڪير ڪنهن خاص سبب جي ڪري تاخير چاهي ٿو ته الڳ ڳالهه آهي، ان دوران جسٽس عمر عطاءَ بنديال چيو ته توهان پورو عدالتي فيصلو پڙهڻ جي بجاءِ لاڳاپيل لائن پڙهو، جنهن تي جسٽس مقبول باقر چيو ته پوري دنيا ڏسي رهي آهي، عدالتي وقار جو خيال رکڻو پوندو، جنهن تي جسٽس منيب اختر چيو نظر ثاني جو دائرو محدود هوندو آهي، ڇا ڪو جج پنهنجو فيصلو تبديل ڪري سگهي ٿو، جنهن تي حڪومتي وڪيل چيو ته نظر ثاني ۾ فيصلو تبديل ناهي ٿيندو، جسٽس منيب اختر چيو ته فيصلو تبديل ڪرڻ ۽ نظر ثاني ۾ فرق هوندو آهي، ان دوران جسٽس مقبول باقر ۽ جسٽس سجاد علي شاهه ۾ به جملن جي ڏي وٺ ٿي، جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته عامر رحمان لاءِ يا وقت مقرر ڪيو يا کيس دليل پورو ڪرڻ ڏيو، بار بار وڪيل کي ٽوڪيندئو ته مان اٿي هليو ويندس، جنهن تي جسٽس مقبول بار چيو اٿي ته مان به وڃي سگهان ٿو، ان تي حڪومتي وڪيل چيو منساب ٿيندو ته عدالت 10 منٽ جو وقفو ڪري، جسٽس مقبول باقر چيو ته 10 منٽ جي وقفي سان ڇا ٿيندو، جنهن بعد جسٽس مقبول باقر ڪاوڙ مان اٿي هليو ويو ۽ عدالت ججز وچ ۾ تلخي تي 10 منٽ جو وقفو ڪيو، وقفي بعد ٻيهر ٻڌڻي شروع ٿي ته جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته جڏهن توهان پاڻي نه پيءَ سگهو ته تازه هوا ۾ ساهه کڻڻ ڪافي هوندو آهي، روزي جي ڪري اسان به تازه هوا ۾ ساهه کڻي آيا آهيون، ان تي عامر رحمان چيو ته جسٽس مقبول باقر کي منهنجي ڪا به ڳالهه بري لڳي ته معذرت خواهه آهيان، جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته جسٽس مقبول باقر بينچ جي محبوبه آهي، جسٽس مقبول باقر عامر رحمان سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جي ڪا به ڳالهه مون کي خراب ناهي لڳي، ان تي عامر رحمان چيو ته آرٽيڪل 187 جي تحت سپريم ڪورٽ جي اختيارن تي ڳالهه ڪندس، ان دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جسٽس منظور ملڪ کيس چيس قاضي صاحب توهان جي وڏي مهرباني توهان ويهي رهو، بار بار ڪاروائي ۾ مداخلت نه ڪيو، حڪومتي وڪيل عامر رحمان دليل ڏيندي چيو ته اهو چيو پيو وڃي ته سرينا عسيٰ جو ڪيس ايف بي آر کي نٿو موڪلي سگهجي، پر سپريم ڪورٽ جي اختيارن تي عدالتي فيصلا موجود آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔