ڪراچي ۾ هيٽ ويو جي ٻي لهر 23 اپريل کان شروع ٿيندي: موسميات کاتو

ڪراچي: موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ڪراچي واسي 23 اپريل کان هڪ ڀيرو ٻيهر هيٽ ويو کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهن. هيٽ ويو 23 اپريل کان 25 اپريل تائين جاري رهندي، جنهن دوران گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب ڏينهن جي وقت گرمي پد 38 کان 40 ڊگري سينٽي گريڊ رهندو. آچر کانپوءِ گرمي پد ۾ گهٽتائي ايندي پر ان هوندي به 36 کان 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي. هن مهيني دوران ڪراچي ۾ اها هيٽ ويو جي ٻي لهر هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔