پيپلز پارٽي جي اڳوڻي صوبائي وزير ڪي ايس مجاهد جي پي ٽي آءِ ۾ شموليت

ڪراچي: اڳوڻي صوبائي وزير ۽ وومين ونگ جي عهديدار افق مجاهد بلوچ جي والد ڪي ايس مجاهد عمران خان جي ايمانداري ۽ حب الوطني کان متاثر ٿي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي .

ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جي صدر ۽ ايم پي اي خرم شير زمان بلديا ٽائون ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن ۾ پي پي جي اڳوڻي وزير ڪي ايس مجاهد پي پي ڇڏي پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪئي .

ان موقعي تي پي ٽي آءِ ڪراچي جو جنرل سيڪريٽري  ،ايجوڪيشن ۽ ٽريننگ ڪراچي ونگ جي اڳواڻ سيرينا خان ، ضلعي ڪيماڙي جي جنرل سيڪريٽري افق مجاهد بلوچ ، نائب صدر ڪيپٽن رضوان خان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔