خيرپور ۾ 7 مهينن جي حاملا عورت سان مبينا جنسي زيادتي

خيرپور: ايس ايس پي آفيس جي ڪلارڪ جي 7 مهينن جي حاملا عورت سان مبينا جنسي زيادتي جو انڪشاف سامهون آيو آهي. عورت ثوبيه ملاح الزام لڳايو آهي ته ايس ايس پي آفيس جي ڪلارڪ قدير شيخ پنهنجي دوست سجاد شاهاڻي سان گڏ هڪ هفتي تائين جنسي زيادتي ڪئي. هن چيو ته مون کي منهنجي ڀاڄائي سپنا، ريما ۽ سائرا لقمان جي هڪ گهر ۾ قيد ڪري قدير شيخ کي گهرايو، پوليس ڪيس داخل نه پئي ڪري منهنجي حالت خراب آهي. متاثر عورت جي والد هادي بخش عرف شمن ملاح چيو ته منهنجي ڌيءَ سان ظلم ٿيو آهي انصاف ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔