سنڌ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 3 ماڻهو فوت،885 نوان ڪيسز ظاهر

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي وڌيڪ 3 ماڻهو فوت ٿي ويا،885 نوان ڪيسز ظاهر ٿيا آهن، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا بابت انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته اڄ وڌيڪ 246 ڪورونا مريض صحتياب ٿي ويا، هن وقت 9 هزار 220 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن، وڏو وزير موجب 397 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 47 مريض وينٽي ليٽرز تي آهن، وڏو وزير چيو آهي ته ڪراچي ۾ 388 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، حيدرآباد ۾ 163، سکر ۾ 31، قمبر 23، مٽِياري 18، بدين ۽ گهوٽڪي ۾ 16، 16 ڪيسز سامهون آيا آهن، وڏي وزير چيو آهي ته ٺٽي ۾ 15، دادو، سجاول ۽ ڄامشوري 14، 14، خيرپور، شهيد بينطِر آباد ۽ نوشهرو فيروز 12، 12، جڏهن ته سانگهڙ ۽ شڪارپور ۾ هڪ، هڪ ڪيسز رپورٽ ٿيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔