خيرپور ڀرسان ڪوچ ۽ وين ۾ خوفناڪ حادثو، 12 ڄڻا اجل جو شڪار، 15 زخمي

خيرپور: خيرپور ڀرسان خوفناڪ حادثو، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 12 مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا، پُراڻي قومي شاهراهه تي تيز رفتار ڪوچ ۽ وين ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿيو، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 15 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا، فوتين ۾ ٺري مير واهه واسي وسيم شر، علي ڏنو شاهه، علي شير شيخ، داد محمد راڄڙ، ساجد علي ۽ ٻيا شامل: عبدالستار وساڻ، حبدار راڄپر، ايان مري، عورت سڪينه، ثناءُ الله، غلام حيدر، محمد اعظم ملاح ۽ ٻيا زخمي ٿيا، ايمبولينسز گهٽ هجڻ سبب فوتين جا لاش ڪوسٽر ۽ زخمين کي ڊاٽسن ۽ رڪشائن ذريعي اسپتال پهچايو ويو،ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته وين ۾ سوار مسافرن جو وڌيڪ جاني نقصان ٿيو آهي، مسافر ڪوچ ۾ سوار ڪجهه ماڻهو زخمي ٿيا آهن، پوليس ڪوچ ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو، ايس ايس پي خيرپور اعتراف ڪيو ته ايمبولينس گهٽ ۽ زخمي مسافرن جو انگ گهڻو آهي، تنهن ڪري ريسڪيو آپريشن ۾ڏکيائيون پيش آيون. خيرپور ڀرسان خوفناڪ حادثي جو شڪار ٿيل وين سکر کان سانگهڙ ويندڙ ڪوچ سان ٽڪر بعد مڪمل طور تباهه ٿي وئي، واقعي واري هنڌ زخمي تڙپندا رهيا، حادثي ۾ فوت ٿيلن جو واسطو ڪنب، ٻانڌي، ڳڙهي ياسين، ٺري ميرواهه ۽ ٻين شهرن سان آهي: حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿيل مسافرن جا وارث اسپتال ٻاهران هنجون هاريندا رهيا، خوفناڪ حادثي بعد علائقي ۾ سوڳ جِي لهر ڇانيل: چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه نوٽيس وٺندي ڪمشنر سکر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔