طاقتور قانون جي پڪڙ ۾ نه ٿا اچن ۽ پي ڊي ايم جهڙو اتحاد ٺاهي ويهن ٿا: وزيراعظم عمران خان

نوشهره: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته کنڊ مافيا جي خلاف ڪجهه ڪريون ٿا ته هو چون ٿا ته اسان خاص ماڻهو آهيون.

رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي نوشهره پهتو جتي هن جلوزائي ۾ هائوسنگ اسڪيم جي پيڙهه جو پٿر رکيو. وزيراعظم چيو ته هي سستن فليٽن وارو منصوبو گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ هوندو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جو معاشرو ڪمزور طبقي جو ڌيان نٿو رکي سگهي جنهن سبب هو مٿي نٿو پهچي سگهي.

جلوزئي ۾ منصوبي سان گهٽ آمدني واري طبقي کي گهر ملي سگهندو. هن چيو ته قانون جي بالادستي جو مطلب هوندو آهي ته طاقتور قانون جي هيٺ آڻڻ ۽ ٺاهڻ.. عوام ۾ طاقتور لاءِ ڌار قانون هوندو آهي. پر پاڪستان ۾ ماڻهن کي قانون جي بالادستي جي سمجهه ناهي اچي رهي ۽ طاقتور قانون جي هيٺيان نٿو اچڻ چاهي. وزيراعظم چيو ته ڪڏهن پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جهڙا اتحاد ٺاهيا ويندا آهن ته ڪڏهن شوگر مافيا ماڻهن کي مهانگي کنڊ وڪرو ڪندا آهن پر ٽيڪس ناهن ڏيندا.

هن چيو ته ڪمزور ۽ طاقتور جي لاءِ هڪ ئي قانون هجڻ گهرجي. شوگر مافيا جي خلاف ڪجهه ڪريو ته اهي به چون ٿا ته اسان خاص ماڻهو آهيون. شوگرمافيا مهانگي کنڊ وڪرو ڪري منافعو ڪمائي رهيو آهي. وزيراعظم سان گڏ وفاقي وزير مراد سعيد ۽ صحت بابت وزيراعظم جو صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان به موجود هو. وزيراعظم چيو ته معاشري جي سڃاڻپ ڪمزور طبقي سان ٿيندي آهي. سٺي معاشري جي هڪ سڃاڻپ قانون جي بالادستي به هوندي آهي. قوم وسيلن جي کوٽ سبب غريب نه پر قانون جي بالادستي نه هئڻ سبب ٿيندي آهي. وزيراعظم چيو ته قانون جي بالادستي جي ڳالهه پاڪستان ۾ ماڻهن کي سمجهه ناهي اچي رهي. عمران خان چيو ته اسان جي پوري ڪوشش آهي ته سرڪاي زمين تي سستا گهر ٺاهيون. جوڻيجو جي اسڪيم ان لاءِ ناڪام ٿي ته اتي ماڻهن رهڻ نه پئي چاهيو. منصوبي ۾ دير ان لا3 ٿي ته بينڪ قبضو ڏيڻ لاءِ تيار نه هئي. قانون 11 سالن کان عدالتن ۾ ڦاٿل هو.

اسان بينڪن کي درخواست ڪئي آهي جنهن کان پوءِ هاڻ گهر جي قرض تي صرف 3 سيڪڙو سود ڏيڻو پوندو. ۽ اسان هر گهر تي 3 لک روپيه سبسڊي ڏئي رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته سستي گهرن جي لاءِ قرضن جي فراهمي سست روي جو شڪار آهي. بينڪن جي سربراهن کي چيو آهي ته پنهنجي عملي  جي تربيت ڪريو.

ڪمزور طبقي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. مديني جي رياست ۾ پئسو نه هو پر اتي انسانيت هئي، آبادي وڌڻ سبب شهر پکڙجي رهيا هئا. اسان کي هاڻ ڊگهين عمارتن طرف وڃڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔