غزل جي راڻي اقبال بانو کي وڇڙي 12 ورهيا گذري ويا

اسلام آباد: غزل جي راڻي جو لقب حاصل ڪرڻ واري اقبال بانو کي اسان کان وڇڙي 12 سال ٿي ويا .

غزل گائيڪي جو ذڪر اقبال بانو کان سواءِ اڻ مڪمل آهي، هن غزل کي پنهنجي آواز سان نئين بلندين تائين پهچايو ۽ پنهنجو نالو به امر ڪري ورتو.

منفرد گائيڪي وسيلي موسيقي جي دنيا ۾ اهم مقام ٺاهيندڙ اقبال بانو 1935 ع ۾ دهلي ۾ جنم ورتو، هن 1950 ع ۾ پنهنجي فني ڪيرئير جي شروعات ريڊيو پاڪستان کان ڪئي.

مهدي حسن کان پوءِ فيض احمد فيض جي ڪلام کي ڳائڻ ۾ اقبال بانو کي ڪمال حاصل هو.

پنجاهه جي ڏهاڪي ۾ اقبال بانو پاڪستان جي نئين اڀريل فلم انڊسٽري ۾ پلي بيڪ سنگر طور پنهنجي سڃاڻ ٺاهي ، گمنام، ناگن ، عشق ليليٰ، سرفروش ۽ قاتل لاءِ ڳايل گانن کيس امر ڪري ڇڏيو.

 هن غزل کي به پنهنجي مخصوص نيم ڪلاسيڪي انداز ۾ اپنايو ۽ جيڪو به ڳايو لازوال ڪري ڇڏيو.

فيض احمد فيض جي نظم ديکين گي ، لازم هي ڪي هم ڀي ديکين گي ڳائي غزل ۽ نظم ۾ پنهنجي حيثيت مڃرائڻ واري اقبال بانو فيض صاحب کان سواءِ علاما اقبال ، مرزا غالب ۽ احمد فراز جي ڪلام کي به خوب ڳايو.

اقبال بانو کي حسنِ ڪارڪردگي تي تمغو ۽ ٻيا ڪيترائي انعام ۽ ايوارڊ مليا .

اقبال بانو 21 اپريل2009 ع تي پنهنجي لکين چاهيندڙن کي سوڳوار ڇڏي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري وئي پر سندس آواز اڄ به اسان جي ڪنن ۾ گونجي رهيو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔