خيرپور ڀرسان مسافرڪوچ ۽ وين ۾ خوفناڪ ٽڪر، 12 مسافر فوت، ڪيترائي زخمي

خيرپور: خيرپور ڀرسان مسافر ڪوچ ۽ وئن ۾ خوفناڪ حادثو، 12 مسافر فوت ٿي ويا، ڪيترائي زخمي ٿي پيا، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ هو ته حسين آباد وٽ پُراڻي قومي شاهراهه تي حادثو پيش آيو، عورتن ۽ ٻارن سوڌو ڪيترائي زخمي پڻ ٿي ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته هاڻ فوتين جو انگ 12 ٿي ويو آهي، وئن مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي، فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. واقعي واري هنڌ علائقي واسي وڏي انگ ۾ پهچي ويا، لاش ۽ زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته جاري وڊيوز ۾ ڪيترائي لاش روڊ تي پيل نظر اچي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔