فريال ٽالپر ڪورونا ويڪسين جي ٻي خوراڪ به لڳرائي ڇڏي

ڪراچي: پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر ڪورونا ويڪسين جي ٻي خوراڪ به لڳرائي ڇڏي. پ پ عورتن جي شعبي جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر صحت کاتي طرفان ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ قائم ويڪسينيشن سينٽر پهچي ويڪسين لڳرائي. ان موقعي تي فريال ٽالپر چيو ته عوام ويڪسينيشن بابت افواهن تي ڌيان نه ڏئي، پنهنجي، پنهنجي گهر ڀاتين ۽ ٻين ماڻهن جي صحت جو خيال رکو، وائرس کان بچاءَ لاءِ احتياط ڪيو. سندس چوڻ هو ته 50 ورهين کان وڌيڪ عمر جا شهري ويڪسينيشن ڪرائين، جيڪا مفت فراهم ڪئي پئي وڃي. واضح رهي ته فريال ٽالپر ڪورونا کان بچاءَ جي ويڪسين جي پهرين خوراڪ گذريل مهيني 29 مارچ تي لڳرائي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔