ڪورونا وائرس: ڀارتي شهرين جي پاڪستان داخلا تي پابندي

اسلام آباد: پاڪستان ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي ڏسندي ڀارت مان ايندڙ مسافرن تي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون. وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اين سي او سي اجلاس ۾ ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي نئين قسم جي پکيڙ تي بريفنگ ڏني وئي ۽ چيو ويو ته نئين قسم جو وائرس ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ جو سبب آهي. اجلاس ۾ ڀارت کي ٻن هفتن لاءِ سي ڪيٽيگري ۾ رکڻ جو فيصلو ڪندي زميني ۽ فضائي رستن کان ايندڙ مسافرن تي پابندي لڳائي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔