ڪراچي ننڍي چونڊ: پولنگ عملي جي موبائل فون استعمال تي پابندي

ڪراچي: صوبائي اليڪشن ڪمشنر اين اي 249 ڪراچي جي ننڍي چونڊ دوران پولنگ عملي جي موبائل فون استعمال تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. صوبائي اليڪشن ڪمشنر ننڍي چونڊ جي حوالي سان پڌرائي جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ پولنگ عملي جي موبائل فون استعمال تي پابندي هنئي وئي آهي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته رڳو پريزائيڊنگ آفيسر موبائل فون استعمال ڪري سگهندا. صوبائي اليڪشن ڪمشنر موجب قومي اسيمبلي جي ان سيٽ تي چونڊ دوران عورتن جي پولنگ اسٽيشن ۾ مرد سيڪيورٽي اهلڪار به نه وڃي سگهندا. پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اين اي 249 تي ننڍي چونڊ 29 اپريل تي ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔