تاريخ شاهد آ ته تشدد وڌيڪ تشدد کي جنم ڏيندو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي تاريخ شاهد آ ته تشدد وڌيڪ تشدد کي جنم ڏيندو آهي.ڍ اسلام آباد مان جاري بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري لاهور سميت ملڪ ۾ ٿيندڙ تشدد جي مذمت ڪئي، واقعن ۾ پوليس ۽ شهرين جون جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته تازا تشدد جا وقعا حڪومت طرفان صورتحال کي پرامن طور منهن ڏيڻ ۾ ناڪامي سبب ٿيا، انساني رت وهائڻ ۽ تشدد تي اڪسائڻ ڪڏهن به صورتحال کي بهتر نٿو ڪري سگهي، تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته تشدد وڌيڪ تشدد کي جنم ڏيندو آهي. سندس چوڻ هو ته هن سليڪٽڊ حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڇو نه ڪيو؟ هيءَ سليڪٽڊ حڪومت ملڪ جي چئلينجن کي پارليامينٽ ۾ بحث هيٺ ڇو نه کڻي آئي؟ اصل جنگ ته خراب صورتحال جي سببن خلاف آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔