نيب جو نواز شريف جون سموريون ملڪيتون نيلام ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: قومي احتساب بيورو (نيب) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جون سموريون ملڪيتون نيلام ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب نيب نواز شريف جي جائيداد جي نيلامي جي لاءِ احتساب عدالت ۾ درخواست داخل ڪندي، جڏهن ته نواز شريف کي عدالت توشه خانه رينفرنس ۾ اشتهاري قرار ڏئي چڪي آهي، نيب رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن پاڪستان جي موجب نواز شريف جون 4 ڪمپنين ۾ شيئرز آهن، ان جي محمد بخش ٽيڪستائل ملز ۾ 4 لک 67 هزار 950 ۽ حديبيه پيپر ملز ۾ 3 لک 43 هزار 425 شيئرز آهن، هن کان علاوه نواز شريف حديبيه انجنيئرنگ ڪمپني ۾ 22 هزار 213 ۽ اتفاق ٽيڪسٽائل ملز ۾ 48 هزار 606 شيئرز جو مالڪ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔