جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي گهرڀاتين جي لنڊن ۾ ملڪيتن بابت رپورٽ طلب

اسلام آباد : رجسٽرار فوري طور ايف آءِ اي کان رپورٽ وٺي پيش ڪري، سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي گهرڀاتين جي لنڊن ۾ ملڪيتن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ايف بي آر جي رپورٽ ڳجهي رکڻ تي اعتراض واري ڇڏيا، نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهر واري سيرينا عيسيٰ دليل ڏيندي چيو ته لنڊن ۾ ملڪيتن لاءِ فنڊز جي منتقلي ۾ به مڙس جو ڪو ڪردار نه آهي، ڪيس ۾ ڌر نه هجڻ باوجود منهنجي ۽ ٻارن خلاف فيصلو ڏنو ويو، عدالت ۾ ٻڌڻين جو آڊيو رڪارڊ به مون کي ناهي ڏنو ويو، جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته اِن ۾ ڪو شڪ ناهي ته عدالتي فيصلي سان توهان متاثر ٿيون آهيو، عدالت آڊيو رڪارڊنگ مهيا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، هي ڪيس غيرقانونيت جو نه، پر آمدني جي ذريعن جو آهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جڊيشل ڪائونسل کي منهن ڏيڻ نٿو چاهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته جڊيشل ڪائونسل پر پُٺ ڪارروائي ڪئي، ڪائونسل جي رويي کانپوءِ ريفرنس کي چئلينج ڪيو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔