وفاقي وزير ۽ اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر ملڪ ۾ ڪورونا جي بگڙجندڙ صورتحال کان خبردار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد : وفاقي وزير ۽ اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر ملڪ ۾ ڪورونا جي بگڙجندڙ صورتحال کان خبردار ڪري ڇڏيو، پنهنجي هڪ جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو آهي ته اسپتال لاڳيتو ڀرجي رهيا آهن ۽ ڪورونا جا ڳڻتي جوڳي مريضن جو تعداد 4500 تائين پهچي ويو آهي، ڳڻتي جوڳي مريضن جو موجوده تعداد گذريل سال جي سڀ کان وڌيڪ تعداد کان 30 سيڪڙو وڌيڪ آهي، جڏهن ته آڪسيجن جي فراهمي هن وقت دٻاءُ جو شڪار آهي، هن چيو آهي ته ايس او پيز تي عملدرآمد تمام گهٽ ٿي رهيو آهي، اسان ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪري تمام وڏي غلطي ڪري رهيا آهيون، جڏهن کان ڪورونا آيو آهي هاڻي اسان متاثرين جي تعداد گهڻي خراب ڏسي رهيا آهيون ۽ اسان جي پاڙيسري ملڪ شديد بحران ۾ آهي، هن وڌيڪ چيو آهي ته ايران ۾ روزاني 300 کان وڌيڪ ۽ ڀارت ۾ روزاني 1600 کان وڌيڪ فوتگيون ٿي رهيون آهن، اسان کي پهرين کان وڌيڪ حفاظتي قدم کڻڻا پوندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔