شهباز شريف جي ضمانت وارو فائل چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ حوالي

لاهور : لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي ضمانت وارو فائل چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ کي موڪلي ڇڏي، چيف جسٽس قاسم خان ريفري جج نامزد ڪندو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ شهباز شريف جي درخواست منظور ڪرڻ ۽ ان جي خلاف ڌار ڌار فيصلو ڏنو هو، ٻه رڪني بينچ جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اسجد جاويد گهرال تي ٻڌل هئي، سردار سرفراز ڊوگر شهباز شريف جي ضمانت منظور جڏهن ته جسٽس اسجد جاويد گهرال رد ڪئي هئي، هاڻي شهباز شريف جي ضمانت جو فيصلو ريفري جج ڏانهن موڪليو ويندو، جيڪو شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔