ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري، وڌيڪ 73 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد: ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 5 هزار 152 ڄڻا وبا جو شڪار ٿي ويا آهن.

اين سي او سي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 5 هزار 152 ڄڻا وبا جو شڪار جڏهن ته 73 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن. اين سي او سي موجب ملڪ ۾ گڏيل ڪيسز جو انگ 7 لک 61 هزار 437 جڏهن ته گڏيل فوتگين جو انگ 16 هزار 318 ٿي ويو آهي.

ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 60 هزار 162 ٽيسٽ ڪيا ويا جڏهن ته اسپتالن ۾ 69 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ملڪ ۾ هينئر تائين صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 62 هزار 845 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔