سڄي ملڪ ۾ نائين کان ٻارهين ڪلاسن جو تدريسي عمل شروع، حاضري نه هجڻ جي برابر

اسلام آباد: سڄي ملڪ ۾ 9 کان 12 ڪلاسز ۾ تدريسي عمل جي شروعات ٿي چڪي آهي پر حاضري نه هجڻ جي برابر آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي آچر 18 اپريل کان  ٿيندڙ هنگامي اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ سخت ڪورونا ايس او پيز سان گڏ 9 کان 12 تائين جا ڪلاسز کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اڄ وفاقي گادي واري شهر جي تعليمي ادارن ۾ به ٻار اسڪول پهتا پر حاصري انتهائي گهٽ نظر آئي. 

اختيارين 50 سيڪڙو حاضري جي تحت ٻارن کي مڪمل ايس او پيز سان گڏ اسڪول اچڻ جي هدايت ڪري رکي آهي. نائين کان ٻارهين جي بورڊ امتحانن جي تياري جي لاءِ ٻارن کي اسڪولن ۾ گهرايو ويو آهي.

گذريل ڏينهن پهرين کان اٺين ڪلاس جي اسڪولن کي عيد تائين بند رکڻ جو به فيصلو ڪيو ويو اهو فيصلو به ڪيو ويو ته ڪورونا جي وڌيڪ شرح وارين يونيورسٽين ۾ آن لائن ڪلاسز جو سلسلو جاري رهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔